مهانگائي خلاف شهرين ۽ قمبر ضلعو سينگار جدوجهد ڪاميٽي طرفان شھيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

0
220

قمبر- رپورٽ قاضي نياز حسين

قمبر ۾ مهانگائي خلاف شهرين ۽ قمبر ضلعو سينگار جدوجهد ڪاميٽي طرفان شھيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي لالا واجد گوپانگ، طارق علي، خالد مارفاڻي، آصف جويو، قلب مغيري، فقيرو طارق گوپانگ، حبدار علي ۽ ٻين چيو ته مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي غريبن جو پيٽ پالڻ به مشڪل ٿي ويو آهي مهانگائي جي ڪري ڪيترا شھري پنهنجي ٻارن کي تعليم بجاءِ پورهيو ڪرائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن۔

کائڻ پيئڻ جون عام شيون کنڊ 100 رپيا ڪلو،اٽو 70 رپيا ڪلو،گيهه 200 رپيا ڪلو،چانور 80 کان 130ڪلو وڪرو ٿين ٿا جڏهن گوشت مڇي خريد ڪرڻ غريب پورهيت جي پنهنچ کان ٻاهر آهن جڏهن ته دوائن جا اگهه چوٽ چڙهي وڃڻ ڪري غريب ماڻهو پنهنجي مرض لاءِ دوا به خريد ڪري نه ٿو سگهي هنن حڪمرانن کي اپيل ته مهانگائي خلاف قدم کڻي غريب مسڪين کي ٻن ويلن جي ماني کائڻ ڏني وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here