ڏوڪري
ڏوڪري ۾ ينگ ايجوڪيشن سوسائٽي( يس) پاران 14 نومبر تي تعليمي ميلو جون تياريون زور شور سان جاري آهن ان ڏس ۾ عيسي ميمڻ، راشد قاضي، علي بخش پٺاڻ، رحمان هيسباڻي، محمد علي ميمڻ، ساجد مسڻ، سعيد چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 14 نومبر تي ڏوڪري ۾ ينگ ايجوڪيشن سوسائٽي ۽ غلام مصطفي لائبريري جي تعاون سان تعليمي ميلو لڳرائي رهيا آهيون۔
هنن چيو ته تعليمي ميلي ۾ جديد تعليم ڇا آهي، سنڌ جي تعليمي صورتحال، جديد دور جون تقاضائون ۽ اسان نوجوان، تبديلي جو سوال ۽ نوجوان جو ڪردار سميت مختلف موضوعن تي بحث مباحثو ڪيا ويندا۔ هنن چيو ته رات جي وقت محفل موسيقي ڪرائي ويندي، 15 نومبر تي عالمي تناظر ۽ سنڌ جي تعليم، تعليم جو سماجي تبديليءَ ۾ حصو، يورپ ۾ اعلي تعليم ۽ اسڪالر جا موقعا، استاد ۽ شاگردن جون ذميواريون، سنڌ جي تعليمي ادارن جي صورتحال جو جائزو تي به بحث مباحثو ڪيو ويندو۔
هنن چيو ته شاگردن ۾ سوال جواب جا مقابلا ڪرايا ويندا ۽ 30 سال تعليمي ادارن ۾ خدمت ڪندڙ استادن کي لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ جي تقريب به ڪوٺائي ويندي۔ هنن چيو ته ميلي جون تياريون زور شور سان ڪري رهيا آهيون، هنن چيو ته ميلي ۾ ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويندا جتي شاگردن کي 30 کان 50 سيڪڙو ڪتابن ۾ رعايت ڏني ويندي۔