بورڊ آف انٽرميڊيٽ شهيد بينظيرآباد جي ٽيم پاران تعلقي سڪرنڊ ۾ هلندڙ امتحاني مرڪزن جو اوچتو دورو

0
137

سڪرنڊ (رپورٽ گل محمد ملاح)

بورڊ آف انٽرميڊيٽ شهيد بينظيرآباد جي ٽيم پاران ڊپٽي سيڪريٽري محمد حسن کوسو۔ ڊپٽي ڪنٽرولر رضا حسين ٻرڙو۔ نثار احمد ڪيريو ، ميڊم سيما ڏاھري جي اڳواڻي ۾ تعلقي سڪرنڊ ۾ هلندڙ امتحاني مرڪزن جو اوچتو دورو ڪيو ويو ، ان موقعي تي 20 شاگردن تي ڪاپي ڪيس ڪري کين امتحاني مرڪزن مان ٻاهر ڪڍيو ويو آھي ، جڏهن ته وڏي تعداد ۾ موبائل فونون پڻ هٿ ڪري اسڪول انتظاميه حوالي ڪيون ، ان موقعي تي بورڊ آف انٽرميڊيٽ شهيد بينظيرآباد جي ڊپٽي سيڪريٽري محمد حسن کوسو صحافين کي ٻڌايو ته بورڊ جي چيئرمين پاران امتحاني مرڪزن جي دوري لاءِ خصوصي ٽيمون جوڙي امتحاني مرڪزن جو جائزو وٺي رهيا آهيون استادن ۽ والدين کي گهرجي ته ڪاپي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ٻارڙن کي موبائل جي استعمال کان پڻ روڪين ، شاگردن کي ڪميشن جي امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ گهرجي ، ان موقعي تي ٽيم ميمبر نثار احمد ڪيريو ، سيما ڏاھري پڻ موجود هئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here