ڏوڪري: ڏوڪريءَ ۾ هڪ ناريءَ مٿس مبينا طور تشدد ڪندڙ ساهرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڏوڪريءَ جي ڀٽائي پاڙي جي رهواسڻ سائرہ پنهنجي والده اربيلي ۽ ڀاءُ عادل جويو سان گڏ ڏوڪري پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو مٿس ٿيل تشدد خلاف احتجاج ڪيو. ناري سائرہ جو چوڻ هو ته سندس سهري علي مراد، سس ڇُٽَڻِ خاتون ۽ ٻه ڏيرن زاهد نوناري ۽ علي رضا مٿس تشدد ڪيو آهي ۽ سندس ڪپڙا ڦاڙي زخمي ڪيو ۽ مڙس طرفان موڪليل پنجھٺ ھزار رپيه، سونو لاڪيٽ ۽ منڊيون کڻي ويا۔
هن چيو ته سندس مڙس نديم نوناري ملڪ کان ٻاهر رهندو آهي، جنهن جي غير موجودگيءَ ۾ سندس ساهرا مٿس مسلسل تشدد ڪندا رهندا آهن، ناري سائرہ جو چوڻ هو ته گذريل رات سندس ڏيرن ۽ سس سهري مٿس سخت تشدد ڪيو ۽ سندس سونا زيور ۽ روڪ رقم کسي ويا، جنهن بعد کيس گهليندي گهر کان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو. ناري سائرہ جو چوڻ هو ته هن ڏوڪري ٿاڻي تي مٿس تشدد ڪندڙ ساهرن خلاف اين سي داخل ڪرائي آهي پر هن وقت تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، ھن وڌيڪ چيو ته منهنجو سھري ۽ ڏير کان مونکي جان جو خطرو آهي جيڪي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن تہ توکي باھ ڏئي ساڙينداسي.احتجاج ڪندڙ ناري سائرہ مطالبو ڪيو ته اعلي اختيار رکندڙ سندس احتجاج جو نوٽيس وٺن ۽ مٿس ٿيل تشدد جو ازالو ڪري ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪن۔