ڪراچي بن قاسم جي علائقي ۾ قتل ٿيل عورت جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو سيھڙ پريس ڪلب ۾ احتجاج

0
154

ڪراچي بن قاسم جي علائقي جوکيا محلا ۾ قتل ٿيل فوزيا ڪاڪيپوٽو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو سيھڙ پريس ڪلب ۾ احتجاج بي گناھ منهنجي جي ڌي کي قتل ڪيو آھي مون سان انصاف ڪيو ويو امڙ جو دانھون رپورٽ موجب بن قاسم ڪراچي محلا علي محمد جوکيو ۾ قتل ٿيل ٽن ٻارن جي ماء صنم ڪاڪيپوٽو جي قاتلن جي گرفتاري لاء سنڌس امڙ ھور ڀيڻ صوبيا ۽ معصوم ٻارڙن جو سيھڙ پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪيو۔

ھنن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو بابل ، اڪبر ، عابد ڪاڪپيٽو ۽ مير شر منهنجي ڌي صنم کي 2 مھينا اڳ بي گناھ بي دردي سان قتل ڪيو ويو پر اڃا تائين پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگھي جوابدار ڌر با اثر آھي جيڪي اسان کي به مارڻ جو ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن۔

ڪيس تان ھٿ کڻو نه توھان سان به صنم وارو حشر ڪيو ڪيو ويندو ھنن چيو ته منهنجي ڌي جا قاتل سڀ ڳڙھي ياسين جا رھواسي آھن ڳڙھي ياسين جو ايس ايڇ او گلزار ٻرڙو جوابدارن کان 5 لک رشوت وٺي انھن جوابدار کي گرفتار نه ٿو ڪري ھن روئيندي چيو ته مون سان انصاف ڪري صنم جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڦاسي تي لٽڪايا وڃن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here