ڏوڪري تعلقي ۾ ڊي اي پي ڀاڻ اڻلڀ قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون دوائون ڀاڻ ٻج بليڪ ۽ وياج وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

0
197

ڏوڪري: ڏوڪري تعلقي ۽ آس پاس ۾ ڊي اي پي ڀاڻ اڻلڀ قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون دوائون ڀاڻ ٻج بليڪ ۽ وياج وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف، آبادگارن جا هٿ مٿي تي اچي ويا، انتظاميا واپارين خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهي، ڏوڪري سميت آس پاس جي شهرن ۾ زرعي دڪاندارن پاران هڪ هٽي قائم غريب عوام پيسجي رهيو آهي اڇو ڀاڻ 17 سئو روپين وارو وياج تي هارين کي ٽن هزارن ۾ ڏنو پيو وڃي ۽ ڪارو ڀاڻ 38 سئو مان وڌائي 58سئو روپين ۾ وڪرو وياج تي 8هزار تي ڏنو پيو وڃي هڪ طرف ته پاڻي جي شديد کوٽ هجڻ جي ڪري غريب هاري اڳي ئي پريشان ويتر وياجي دڪاندار غريبن جو رت چوسڻ لڳا هڪ طرف فصلن کي ڪاپاري ڌڪ آهي ٻي طرف هارين کي پهريان سارين جو ٻج بليڪ تي 6 کان ست هزار في ٿيلي ٽوڙي هاڻي ويتر ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ڄاڻائي ڊيلرن پاران هارين سان وڏو ظلم ڪيو پيو وڃي هارين ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ دانهيدي چيو اگر اهڙي صورتحال برقرار رهي ته زراعت کاتو مڪمل تباه ٿي ويندو زراعت جي دڪان مالڪن جي خلاف ,ڀاڻ ڊيلرن جي هڪ هٽي خلاف صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته واپارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here