ڏوڪري ۾ سيپڪو عملدارن جي کليل ڪچهري

0
174

ڏوڪري

ڏوڪري ۾ سيپڪو عملدارن جي کليل ڪچهري، هڪ کان وڌيڪ بجلي صارفين جا بل معاف ڪيا ويا تفصيل موجب ڏوڪري سيپڪو آفيس ۾ انجئينر ظهور احمد قريشي، آر او اعجاز احمد ڪنڀر، لائين سپريڊنٽ اختيار سوهو، يونين چيئرمين غلام سرور جوڻيجو ۽ ٻين سيپڪو علمدارن پاران کليل ڪچهري لڳائي۔

کليل ڪچهري ۾ هڪ سو کان وڌيڪ بجلي جي صارفين کي ڏھ لک روپين جو رليف ڏئي بل معاف ڪيا ويا. جڏهن ته گذريل کليل ڪچهري ۾ ڏوڪري باڊھ بجلي جي صارفين کي 40 لک رپين جو رليف ڏنو ويو. کليل ڪچهري ۾ بجلي جي صارفين هٿرادو لوڊشيڊنگ، واڌو بل ۽ ٻيون شڪايتون ڪيون۔

ان موقعي تي انجئينر ظهور احمد قريشي، آر او اعجاز احمد ڪنڀر، ايس ڊي او نظير احمد شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بجلي جي صارفين کي 10 لکن کان وڌيڪ رليف فراهم ڪيو آهي، گذريل ڪچهري ۾ ڏوڪري باڊھ بجلي جي صارفين کي 40 لک روپين جو رليف فراهم ڪري بل معاف ڪري ڇڏيا آهن. هنن چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ کي ختم ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here