سڪرنڊ پوليس جي اي ايس آءِ مزدور کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي ويو، عورتن جي ميڊيا کي دانھن

0
194

سڪرنڊ (رپورٽ : مشتاق سولنگي)

سڪرنڊ جي پاڙي شيرواڻي ڪيريو جي رهواسي عورتن مسمات فرزانه ڪيريو ، جنت ڪيريو ، نورجهان ڪيريو ، نسيم ڪيريو ، ڪزبانو ڪيريو ۽ صالحه ڪيريو پنهنجن ٻارڙن سميت سڪرنڊ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 8 ڏينهن اڳ سڪرنڊ پوليس جي اي ايس آءِ علي بخش مگسي هڪ با اثر شخص جي چوڻ تي محمد يامين ڪيريو کي مزدوري تي ويندي گرفتار ڪري سڪرنڊ ٿاڻي تي کڻي ويو۔

هن جي گهر واري مسمات فرزانه چيو ته سڪرنڊ پوليس منهنجي مڙس محمد يامين کي گم ڪري ڇڏيو آهي، جيئن ته هن جي خلاف ڪوبه ڪيس داخل ٿيل نه آهي پوليس بنا ڪنهن وجه جي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ھاڻ کيس ظاهر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي۔

هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي اباڻي زمين آهي جنهن مان 4 ايڪڙ زمين فيصلي ۾ اسان کي ملي آهي ، جيڪو فيصلو عبد الستار ڪيريو ، بلاول ڪيريو ، تاج محمد ڪيريو ، بچل ڪيريو وارن ڪيو هو جنهن ۾ سانول ڪيريو ، عبدالرشيد ڪيريو ، نواب ڪيريو ۽ نورو ڪيريو پڻ موجود هئا ،پر هاڻ اڪبر ، عزيزالله ۽ يعقوب فيصلو مڃڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ اسان جي زمين ۽ دڪانن تي زبردستي قبضو ڪري ويٺا آهن۔

هنن چيو ته زمين تي اسان جو حق آهي جنهن جا ڪورٽ جا ڪاغذ پڻ موجود آهن، هنن چيو ته مخالف ڌر وارا اسان کي اگرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان جو اعلٰى اختيارين کان مطالبو آهي ته محمد يامين کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي ، اسان کي تحفظ فراهم ڪري اسان جو حق اسان کي ڏياريو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here