موهن جو دڙو ڀرسان بچاء بندن جي حالت خراب ٻوڏ ۾ وڏي نقصان جو خطرو

0
227

موهن جو دڙو رپورٽ: سمير سومرو

موهن جو دڙو ڀرسان بچاء بندن جي حالت خراب ٿي وئي آهي، اريگيشن کاتي طرفان موهن جو دڙو بچاء بندن جي اسٽون پچنگ ڪرائڻ توڙي وڌيڪ اسپر تيار ڪرڻ واري رٿا تي به عمل نه ٿيو۔ جنهن ڪري امڪاني ٻوڏ سبب ڪو به وڏو نقصان ٿيڻ جو خطرو آهي۔ هوڏانهن ڳوٺ سيري وٽان بچاءُ بندن کي هنڌان هنڌان کڏا پئجي ويا آهن، جنهن ڪري بندن جي حالت خراب ٿيل آهي۔

ان ڏس ۾ 2010 واري مها ٻوڏ دوران ڳوٺ سيري وٽان بند کي ڪيترن هنڌن تان روڻيون پوڻ ۽ بند کي پاڻي تيزي سان پائڻ واري عمل کان بچاء لاء اريگيشن کاتي طرفان ڪم شروع ڪرايو هو، جنهن دوران مرمتي ڪم دوران سيهڙ وليج جا 2 پورهيت درياهي روڻين کي روڪڻ دوران مٽيءَ جون ڀِڪون مٿان ڪِرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويا هئا۔ مها ٻوڏ بعد سنڌ حڪومت موهن جو دڙو ڀرسان بچاء بندن جي مرمت، اسٽون پچنگ ۽ وڌيڪ اسپر ڊزائن تعمير ڪرڻ لاء رٿابندي ڪئي هئي، جنهن بعد بچاء بندن جي مٽي وجهي مرمت ڪئي وئي، پر بندن کي مظبوط ڪرڻ لاء اسٽون پچنگ ۽ وڌيڪ اسپر ڊزائن ڪري جوڙڻ وارو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو۔

جنهن ڪري امڪاني ٻوڏ سبب موهن جو دڙو ڀرسان بچاء بندن کي خطرو وڌي ويو آهي، جڏهن ته بندن جي حالت خراب هجڻ جو اريگيشن کاتي توڙي سنڌ حڪومت ڪو نوٽيس وٺي مرمتي ڪم شروع نه ڪيو آهي۔ جنهن ڪري علائقي واسين کي خوف آهي ته امڪاني ٻوڏن وقت بند ٽٽڻ جا امڪان آهن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here