محمد صفر چانڊيو ڪردار ادا ڪري پنهنجي برادريءَ ۽ سماج جي بهتريءَ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، سچوا

0
205
sachwa sakrand

سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)

محمد صفر چانڊيو ڪردار ادا ڪري پنهنجي برادريءَ ۽ سماج جي بهتريءَ لاءِ ڪردار ادا ڪيو ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکي، اها ڳالھ سنڌ ڪلچرل فورم طرفان سچوا اڳواڻ ۽ سماجي ڪارڪن محمد صفر چانڊيو جي ياد ۾ ڪيل پروگرام ۾ سڪرنڊ پريس ڪلب جي سرپرست اعلٰى محمد صديق منگيو چئي، هن چيو ته ننڍڙا ماڻھو ، وڏن مقصدن سان نڀاءُ نه ڪري سگهندا آهن مگر صفر چانڊيو ان کي خوب نڀايو۔

صفر کي مون ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ، هن جي اندر ۾ هڪ ٻيو انسان موجود هو ، هن جي دل ڪنهن جي هيڻائپ ۽ ڏک تي ڌڙڪي پوندي هئي، هن جي محبت جا محور ٻه هئا ھڪ سنڌ ٻيو انسانيت . چيو وڃي ٿو سچوا برادري تنظيم آهي مگر هن پنهنجي برادريءَ کي ڪنهن ٻي برادريءَ سان ٽڪراءَ ۾ اچڻ نه ڏنو، سماجي خدمت ۽ انسانيت جي خدمت به هن ڪمال جي ڪئي، عاطف چانڊيو چيو ته بابا سائين اڄ به پنهنجي ڪردار جيڪري ماڻھن جي دلين ۾ موجود آهي۔

فيض ڪيريو چيو ته صفر چانڊيو ڪمال جو ماڻھو هو ، هن سڀني غلامين جي خلاف جدوجهد ڪئي . راشد مڪرم چيو ته صفر چانڊيو سادي طبعيت جو تمام وڏو ماڻھو هو جيڪو نفرت کان نفرت ڪندڙ ھو . رضا محمد چانڊيو چيو ته محمد صفر ڪلاڪشنڪوف ڪلچر کي ختم ڪري قلم کي آندو . ان موقعي تي حسين بخش ڪيريو ، فدا سنجراڻي ، مورڙو ميربحر ، سارنگ شفيع ملاح ، استاد نور محمد ڪيريو شمشاد ملاح ، خير محمد چنا ، قلندر بخش ملاح ۽ ٻين خطاب ڪيو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here