لعلورائنڪ ۾ موٽر سائيڪل جي چوري تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو هڪ ئي ڌر جا پنج ڄڻا رتورت

0
321
lalu raink

روشن علي مغيري

لعلورائنڪ (رپورٽر) لعلورائنڪ ۾ موٽر سائيڪل جي چوري تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو هڪ ئي ڌر جا پنج ڄڻا رتورت، تفصيل موجب. ڪجهه ڏينهن اڳ لعلورائنڪ مان محمد خان مغيري جي موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي هئي ان ئي موٽر سائيڪل جي چوري تان مغيرين جي ٻن ڌرين وچ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 8 ڃڻا محمد خان، جاويد، شير محمد، غلام رسول ۽ حاجي ابراهيم،شير محمد، نورل ۽ ذوالفقار مغيري زخمي ٿي پيا جن مان هڪ ڌر لعلورائنڪ ٿاڻي تي 7ڇڻن مٿان اين سي داخل ڪرائي، ميڊيڪل ليٽر ملڻ بعد زخمين کي اعلاج جي واره تعلقه اسپتال موڪليو ويو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here