ڏوڪري
ڏوڪري رائيس ريسرچ سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هٽايو، رائيس ريسرچ سينٽر بچايو، ملازمن جو احتجاجي مظاهرو تفصيل موجب ڏوڪري رائيس ريسرچ سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ خلاف ملازم يونين جي اڳواڻن شبير جتوئي، سرفراز جتوئي،سيد مدد شاھ، احمد جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 6 ڏينهن به اداري جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو۔
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ رات جي وقت ۾ چوري ڪڻڪ جا ٿريشر لڳرائي اناج خانگي ڪارخانن تي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔ هنن چيو ته سارين جي 2700 من ٻج به خانگي ڪارخانن تي وڪرو ڪري ڇڏيو هو، هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ولي محمد بلوچ، ظفر کوسو کي هٽايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو۔