وارھ رپورٽ: قاضي مظفر
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي قومي عوامي تحريڪ جو عنايت لاشاري اڪبر خاصخيلي پناہ تنيو جي اڳواڻي احتجاج عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن پاران ٽيڪسي اسٽاپ کان احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جي مختلف رستن کان ٿيندا وارھ پريس ڪلب پهچي ڪراچي ڪميٽي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مٿين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم، هڪ گهري سازش تحت سنڌ امڙ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ڪراچي سنڌ جي دل آهي سنڌ پاڪستان جي دل آهي، جيڪڏهن جسم مان دل ڪڍو ته اهو جسم ئي نه رهندو، اسين سنڌ امڙ مٿان ٿيندڙ هر سازش کي بي نقاب ڪنداسين۔
اسين سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي پاڪستان خلاف سازش ٿا سمجهو، جيڪڏهن سنڌ کي ٽوڙيو ويو ته پاڪستان به نٿو رهي سگهي هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪراچي ڪميٽي کي فوري طور ختم ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو ڪيو ويندو۔