رپورٽ: مظفر قاضي
وارھ جا قبرستان قبضا گيرن جي ور چڙهي وڃڻ ۽ قبرستانن ۾ سهولتن جي اڻھوند ۽ قبرستانن جا فنڊ هڙپ ٿيڻ خلاف سماجي ورڪرن جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج۔ مظاهرين اڳواڻن رياض ڪلهوڙو ، فرحان ڪاڪيپوٽو ۽ آفتاب احمد کهاوڙ پاران ٻي ڏهاڙي به احتجاجي بينر هٿن ۾ کڻي وارھ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔
ان موقعي تي مظاهرين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته وارھ جا سمورا قبرستان قبضا گيرن جي ور چڙھي چڪا آھن انتظامي نااهلي سبب قبرستانن جا پلاٽ فٽن پير وڪرو ٿي رهيا آھن ۽ اتي دڪان اڏيا وڃن ٿا قديمي قبرون مسمار ڪري گهر اڏيا ويا آھن سمورا قبرستان چو ديواري کان به محروم بنيل آھن جنهن سبب قبرستانن ۾ جانور ڪتا گڏھ ايندي ويندي ڏٺا وڃن ٿا۔
قبرستانن ۾ ڇانوري ۽ پاڻي جي سهولت به موجود نه هجڻ سبب ميت دفنائڻ ۽ فاتح پڙهڻ لاء ايندڙ شھرين کي سخت ڏکيائون پيش اچن ٿيون هنن مطالبو ڪيو ته قبرستانن جا فنڊ هڙپ ڪندڙ ڪرپٽ عناصرين جو احتساب ڪري قبرستان کي گهربل سهولتون وڻڪاري بائونڊري وال ۽ پاڻي جو فلفور بندوبست ڪيو وڃي۔