قمبر جي علي خان ريلوي بند واري علائقي ۾ صفائي سٿرائي، برسات جو گندو پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو

0
157

قمبر رپورٽ: قاضي نياز حسين

قمبر: علي خان ريلوي بند واري علائقي ۾ صفائي سٿرائي نہ ڪرائڻ ۽ برسات جو گندو پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ خلاف علائقي واسين جو ميونسپل انتظاميا خلاف شھيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي۔ ان موقعي تي علائقي جي رهواسين محمد اسماعيل سومرو ، عبدالباري هڪڙو، محمد اسحاق سومرو سميت ٻين چيو تہ برسات پوڻ کي 15 ڏينهن گذري ويا آهن پر ريل بند واري علائقي مان ميونسپل مينهن جو گندو پاڻي نيڪال نہ ڪرائي سگھي جڏهن تہ گندي پاڻي بيهڻ، صفائي سٿرائي نہ هئڻ ڪري علائقي واسي سخت عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن۔ احتجاج ڪندڙن چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو تہ ريل بندي واري علائقي مان گندو پاڻي نيڪال ڪرائي صفائي ڪرائي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here