عورتون مرد ٻار پنهنجي حقن ۽ پاڻ سان ٿيندڙ ظلم خلاف سراپا احتجاج

0
309

مٺي: ھي ھزارين ڌرتي ڌڻي دراوڙ عورتون مرد ٻار پنهنجي حقن ۽ پاڻ سان ٿيندڙ ظلم خلاف سراپا احتجاج ٿيڻ تي مجبور ٿيا آھن، سنڌ ۾ وڏيرا شاھي ڀوتارڪي نظام ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي. ھر روز غريب دراوڙن جون عزتون لٽجن ٿيون زمينن پلاٽن تي قبضا ٿين ٿا غريبن کي تذليل جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، قتل ڪيو وڃي ٿو پر چونڊيل اقليتي نمائيندا ۽ سنڌ حڪومت انصاف ڪرڻ بجاء تماشو ڏسي رھي آھي. اسان 95 سيڪڙو ووٽ بئنڪ رکندڙن ڀيل ڪولھي ميگھواڙن ڪڇي ٺاڪر جوڳي باگڙي ريٻارين کي اعليٰ ايوانن ۾ نمائندگي ڏيڻ بجاء 5 سيڪڙو ووٽ بئنڪ رکندڙ سرمائيدار سيٺن کي اسان مٿان ڏمر ڪري ويھاريو ويو آھي جيڪي اسان کي حق ڏيڻ بجاء اسان جا حق کائي رھيا آھن. پاڪستان دراوڙ اتحاد جي اڳواڻ فقير شيوا ڪچي چيو تھ اسان اھڙي ناانصافي خلاف احتجاج جو دائرو وڌائينداسين

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here