سپريم ڪورٽ عمران خان خلاف توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي 

0
71

سپريم ڪورٽ عمران خان خلاف توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر خلاف ڪارروائي جاري رکندي. اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي اعتراضن تي به قانون موجب فيصلو ڪري ڇو ته ڪنهن به هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي کان ناهي روڪيو.
عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ صرف حتمي فيصلو جاري ڪرڻ کان روڪيو آهي. اليڪشن ايڪٽ ڪميشن کي ڪارروائي جي لاءِ بااختيار بنائڻو آهي.
عدالت وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف ڪارروائي جو اختيار ڏيڻ جي قلمن کي چئلينج ڪيو آهي. لاڳو قانون چئلينج ٿيڻ باوجود ان تي عمل ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهجي. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن هاءِ ڪورٽ طرفان ڏنل حڪم امتناع سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here