ڏوڪري ۾ آل سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ لوئر اسٽاف ايسوسيئيشن سنڌ جي مرڪزي پريس سيڪريٽري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڏوڪري ۾ لوئر اسٽاف جي ملازمن مرڪزي اڳواڻ قاضي وسيم ﷲ جوڻيجو، تعلقي صدر عبدالغني ٿهيم، باقراڻي تعلقي صدر مينهل خان جيسر، غلام مصطفي جوڻيجو، بخشل ٿهيم، عابد ابڙو، محمد علي ڪنڀر، عبدالغفار ساريو، محمد يونس جلباڻي، امتياز ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڳواڻن چيو ته اسان کي ٽائيم اسڪيل ڏيو، اپ گريڊ ڪيو،ڪلارڪ پروموشن ڏيو،وردي الائونس پگهار ۾ ضم ڪيو، هائوس رينٽ وڌايو ۽ ٻيا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن۔