ڏوڪري مختيار آفيس جي 10 تپيدارن جي آفيسن کي تالابندي

0
178

ڏوڪري رپورٽ: قاضي فريد
ڏوڪري روينيو عملدارن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ان ڏس ۾ هٿ ڪيل معلومات موجب گذريل ڏينهن روينيو عملدارن اسسٽنٽ ڪمشنر مسرور احمد بجاراڻي عوامي شڪايتن موجب ريڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪرڻ وارن خدشن بعد ڏوڪري مختيار آفيس جي 10 تپيدارن جي آفيسن کي تالابندي ڪري سمورو ريڪارڊ سيل ڪري ڇڏيو آهي ان ڏس ۾ اي سي پاران ريڪارڊ سيل ڪرڻ واري ڪارروائي بعد ساڳي آفيس ۾ موجود يوٽي اسسٽنٽ مختيار ڪار سائين بخش عرف مور ڪولاچي قانون جي خلاف ورزي ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر جي حڪم کي ٿڏي ڇڏيو آهي ۽ اي سي پاران سيل ڪيل تپيدارن جي آفيسن کي وري تالي مٿان پنهنجو ٻيو تالو لڳائي ڇڏيو آهي ان موقعي تي اي سي ٻڌايو ته ڏوڪري آفيس جو مختيار ڪار بدلي ٿي ويو آهي جئين ئي نئون مختيار ڪار مقرر ٿيو ته سيل ٿيل آفيسن جا تالا کولهيا ويندا هن وڌيڪ چيو ته ٽريني مختيار ڪار سائين بخش عرف مور ڪولاچي خلاف شڪايتون مليون آهن ته هو روينيو جي کاتن ۾ هيرا ڦيري ڪري ٿو جنهن بعد عوامي شڪايتن تي ڪارروائي ڪري سموري ريڪارڊ کي سيل ڪري تالو لڳايو آهي ته يو ٽي اسسٽنٽ مختيار ڪار منهنجو زير دست هئڻ باوجود قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي سيل ڪيل آفيسن کي لڳل تالي مٿان وري پنهنجو ٻيو تالو لڳائي قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي جنهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڊي سي لاڙڪاڻو ڏانهن ليٽر جاري ڪيو ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي يوٽي اسسٽنٽ مختيار ڪار ٻڌايو ته الزام اجايا آهن مون ڪو به تالو نه هنيو آهي. هوڏانهن مختيار ڪار آفيس جي ڪلارڪ ٻڌايو ته اي سي جي حڪم تي تپيدارن جي آفيس کي تالو لڳائي ريڪارڊ سيل ڪيو ويو ته يوٽي اسسٽنٽ مختيار ڪار سائين بخش ڪولاچي مون مٿان ڏمرجي پيو ۽ گٿا لفظ ڳالهايا آهن واضح رهي ته ڏوڪري ۾ مختيار ڪار مقرر نه هئڻ سبب عوامي ڪم روهڙي جو شڪار ٿي ويا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here