سڪرنڊ (رپورٽ : مشتاق سولنگي)
استاد حاجي خان ملاح جي شاعريءَ جي ڪتاب “ ڇير پئي آ ڇڄي “ جي مهورتي تقريب سڪرنڊ پريس ڪلب هال ۾ سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ طرفان ٿي گذري، صدارتي خطاب ڪندي نقاد ۽ اديب پروانو سومرو چيو ته سائين حاجي خان 1982ع جي شاعرن واري نسبت ۾ رهيو آهي هو عوامي شاعر آهي نياز ۽ نوڙت جي راھ وٺي نعتيه شاعريءَ ۾ عقيدت سان مديني جي سرڪار جي ساراه ڪئي آهي۔ حاجي خان وطن جي اڪير ۽ محبت ۾ يقين رکي ٿو ۽ محبت جي رشتي کي ٻنڌڻن ۾ ٻڌڻ جو قائل آهي۔ هن وزن جي ڦلواڙي پوکي آهي پاڻ گيت ۽ ڪافيءَ جي مزاج وارو شاعر آهي، سريلي شاعر وسيم سومري چيو ته شاعر جي پنهنجي ٻولي هوندي آهي۔
هن جي شاعريءَ ۾ غُنائيت آهي هن جي شاعريءَ جو مهاڳ سائين مير محمد پيرزادي جو لکيل آهي . هن جي شاعريءَ ۾ جاذبيت آهي . صاحب محفل حاجي خان ملاح چيو ته دلين جو قرض لاهي نٿو سگهان، سڀني دوستن ، سنڌي ادبي سنگت ۽ سڪرنڊ پريس ڪلب جو ٿورائتو آهيان۔ ۽ مرحوم سائين مير محمد پيرزادي جو به ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي ڪتاب لاءِ مهاڳ لکيو ۽ انهن دوستن جو پڻ ٿورائتو جن ڪتاب آڻڻ لاءِ مونکي اتساهيو، سرپرست اعلٰى سڪرنڊ پريس ڪلب محمد صديق منگيو چيو ته سائين حاجي خان ملاح ھميشه ادبي سنگت جا ڪلاس اٽينڊ ڪندو رهيو آهي هن پنهنجي تخليق کي جاري رکيو۔
هو پنهنجي شاعريءَ ۾ پاڻ موجود آهي . انلاءِ سندس شاعري سگهاري آهي . هن جي شاعريءَ ۾ بهترين تشبيهون آهن شاعر ڏکن ۾ جنم وٺندو آهي ۽ لڙڪن ۾ دفن ٿي ويندو آهي جنرل سيڪريٽري سڪرنڊ پريس ڪلب مسعود عمراڻيءَ چيو ته شاعريءَ جي ديوي سندس مٿان مهربان آهي هو پيار ڪرڻ ۽ نڀائڻ ڄاڻي ٿو گيت جي بهترين شاعر ملاح چيو ته هڪ شاعر مسڪين حاجي خان ملاح ھو ٻيو شاعر سڪرنڊ جو حاجي خان ملاح آھي . هن جي شاعري سندس دل جي شاعري آهي۔
هو پنهنجي شاعريءَ ذريعي پنهنجي پڙھندڙن جي رڳن ۾ رهي ٿو . حاجي خان جي شاعريءَ ۾ پريت ۽ پڪ سمايل آهي ان موقعي تي معشوق ڌاريجو ، محمد عالم ڪيريو ، غلام نبي ڪيريو ، جهانگير ڏاهري ، نور ڪيريو ، فدا سنجراڻي ، جاويد انصاري ، امداد رند ، اياز مهر ، عبد الغفور جسڪاڻي خطاب ڪيو جڏھن ته وقار نور ڪيريو ، گلاب گل ، يار محمد بروهي ، قلندر بخش ملاح ترنم ۾ حاجي خان ملاح جي شاعري ٻڌائي ، مهورتي تقريب ۾ ڪامريڊ غلام رسول سهتو ، مشهور حڪيم قاضي وريل ۽ ٻين وڇڙي ويل شخصيتن لاءِ ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي۔