پاڪستان جي 75 ھين جشن آزادي ڏهاڙي جي حوالي سان ڊي سي آفيس قمبر ۾ پرچم ڪشائي تقريب

0
159

قمبر: ( رپورٽ قاضي نياز حسين )

قمبر-14 آگسٽ 2021ع پاڪستان جي 75 ھين جشن آزادي ڏهاڙي جي حوالي سان ڊي سي آفيس قمبر ۾ پرچم ڪشائي تقريب ٿي. ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ قمر رضا بلوچ. ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سمير نور چنا. اي ڊي سي ون امداد علي ابڙو ڊي سي آفيس قمبر ۾ پاڪستان جي 74 ھين جشن آزادي جي ڏهاڙي تي پرچم ڪشائي ڪئي. پوليس جي چاق چئوبند دستي سلامي پيش ڪئي ۽ مٺائي ورھائي وئي. تقريب ۾ مختلف ادارن جي بالا آفيسرن سان گڏو گڏ اسڪائوٽس، روينيو ، ايجوڪيشن، روڊس، انفارمیشن کان علاوہ مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شھرين ڪرونا ايس او پيز تحت شرڪت ڪئي. تقريب کي ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان اسان جي وڏڙن کي وڏي قرباني کان پوءِ حاصل ٿيو آهي اسان کي ان جو قدر ڪرڻ کپي. اھو ڏينهن پري ناهي انشاء ﷲ ڪشمير بھي پاڪستان جو حصو بڻجندو. ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سمير نور چنا خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي آزادي ﷲ پاڪ طرفان اسان لاءِ ھڪ نعمت آهي اسان کي ان جو قدر ڪرڻ گهرجي. مان پاڪستان ۽ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي عوام کي پاڪستان جي 74 ھين سالگره جي مبارڪ باد پيش ڪيان ٿو. ان موقعي تي ڊي سي آفيس جي اڳڻ ۾ وڻ پوکيا ويا. بعد ۾ ڊي سي آفيس قمبر کان انفارميشن آفيس قمبر تائين ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ پاکستان زندھ آباد پاڪ فوج زنده آباد ڪشمير بني گا پاڪستان جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here