قمبر: ڊپٽي ڪمشنر جو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جو اوچتو دورو

0
167

قمبر: ( رپورٽ قاضي نياز حسين )

قمبر- ڊپٽي ڪمشنر جو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جو اوچتو دورو ڪري ڪرونا وائرس جي ويڪسين سينٽر ۾ موجود ماڻهن کان ويڪسين متعلق معلومات ورتي ۽ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر قمر رضا بلوچ چيو تہ بنا ڪنهن فرق جي سمورن ماڻهن کي ڪرونا وائرس کان بچائڻ جي انجيڪشن لڳائي وڃي، ڇو تہ ڪرونا وائرس هڪ خطرناڪ عالمي وبا آهي، جنهن کي قابو پائڻ لاءِ هر فرد کي ويڪسين لڳائڻ ضروري آهي تہ ان لاءِ سماجي فاسلي تي عمل ڪرڻ پڻ ضروري آهي، ڊپٽي ڪمشنر قمر رضا بلوچ کي بريفنگ ڏيندي ايم ايس ڊاڪٽر سعيد احمد تونيو چيو تہ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي عوام کي روزانو جي بنياد تي قائم ڪيل ڪرونا سينٽر تي وائرس کان بچاءَ جي انجيڪشن لڳائي ويندي آهي، ڊپٽي ڪمشنر چيو تہ ڪروڻا وائرس کان محفوظ پاڪستان لاءِ ضروري آهي تہ اسين ايس او پيز تي عمل ڪندي هر ماڻهو ڪرونا ويڪسين لڳرائي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here