زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جي شاگردن زرعي يونيورسٽي پاران وڌايل سيمسٽر فيسن خلاف احتجاج

0
282

ڏوڪري: ڏوڪريءَ ۾ زيڊ اي ڀٽو (ذوالفقار علي ڀٽو) زرعي ڪاليج ڏوڪري جي شاگردن زرعي يونيورسٽي پاران وڌايل سيمسٽر فيسن خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي۔ ڏوڪري ۾ قائم زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج جي شاگردن سجاد پنھور، ڪاشف گاڏھي، فرمان جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔

انھيءَ موقعي تي شاگردن وي اين ايس سان ڳالهائيندي چيو ته ھن وبائي خوف واري ڏھاڙن ۾ جتي دنيا جي يونيورسٽين شاگردن جون فيسون معاف ڪري ڇڏيون آهن پر زرعي يونيورسٽيءَ پاران فيسون معاف ڪرڻ بجاءِ واڌائي ٻيڻيون ڪيون ويون آهن، جيڪا شاگردن سان ناانصافي آهي، جنهن ڪري ڪيترائي شاگرد فيسون نٿا ڀري سگهن۔

ھنن چيو ته آن لائن ڪلاسن وٺڻ لاءِ تمام وڏو خرچو پيو اچي ۽ نيٽورڪ گهٽ ھئڻ ڪري ٻھراڙي جا شاگرد گھڻي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ ھنن حڪومت سنڌ ۽ زرعي يونيورسٽي جي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته بنا دير فيسون معاف ڪري شاگردن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي۔ ھوڏانھن زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج جي پرنسيپال عبدالغفور مگسي سان رابطو ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته فيس گھٽ يا وڌ ڪرڻ زرعي يونيورسٽي انتظاميا جي اختيار ۾ آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here