ايس ايڇ او منظور لغاري جي حڪمن تي گڊو پوليس جو شهري تي وحشياڻو تشدد

0
180
Guddu

گڊو (رپورٽر پرويز علي کوکر )

گڊو ايس ايڇ او منظور لغاري جي حڪمن تي گڊو پوليس جو شهري تي وحشياڻو تشدد، متاثرن جو احتجاجي مظاهرو انصاف جي گُهر گڊو ۾ پوليس گردي عروج تي عوام جا محافظ عوام کي مارڻ لڳا، گڊو ٿاڻي جي ايس ايڇ او منظور لغاري جي غريب عوام کي لُٽڻ واري شاهي فرمان تحت گڊو پوليس جي اھلڪارن عظيم ڊومڪي ۽ الاهي بخش ميراڻي جو شيخ محلي جي نوجوان پورهيت مقبول احمد مشوري تي وحشياڻو تشدد پورهيت بي هوش، اهڙي عمل خلاف مشوري برادري جي ماڻهن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو مظاهرين موجب ته گڊو پوليس جي اھلڪارن ڀتو گھريو نه ڏيڻ تي بدمست پوليس اهلڪارن اسان جي گهر ۾ گهڙي نوجوان کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، مظاهرين پوليس گردي تي ايس ايڇ او منظور لغاري ۽ گڊو پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪندا رهيا، مظاهرين ايس ايڇ او منظور لغاري ۽ گڊو پوليس خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو ياد رهي ته ڪجهه سال پهريان گڊو پوليس تشدد ڪري نوجوان کي ماري سندس لاش کي درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو هو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here