حبيب پبلڪ اسڪول پاران والدين جو ڏهاڙو ملهايو ويو

0
357

ڏوڪري ۾ حبيب پبلڪ اسڪول پاران والدين جو ڏهاڙو ملهايو ويو، اسڪولي ٻارڙن ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪيا، پوشن کڻندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا، تفصيل موجب ڏوڪري ۾ حبيب پبلڪ اسڪول پاران سومرا شادي هال ۾ والدين جو ڏهاڙو ملهايو ويو تقريب جو مهمان خاص خيرپور يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر رحيم بخش سومرو جن هئا ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر رحيم بخش سومرو، ڊائريڪٽر حبيب پبلڪ اسڪول عاشق علي سوهو، حبيب پبلڪ اسڪول جي پرنسپال نثار احمد سوهو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو آهي ته تعليم سان معاشرو ترقي ڪري سگهي، اڄ جا شاگرد مستقبل جا معمار آهن۔

والدين کي گهرجي ته پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارڻ سان گڏ کين بهترين اخلاقي تربيت ڏيارين بهترين اخلاقيات سان ئي انسان ذات جي خدمت ڪري سگهجي ٿي هنن وڌيڪ چيو ته والدين ۽ استادن جي گڏيل محنت سان ٻار جو مستقبل روشن ٿئي سگهي ٿو، حبيب پبلڪ اسڪول جي ڊائريڪٽر عاشق علي سوهو، اسڪول جي پرنسپال نثار احمد سوهو، ميڊيم بختاور قاضي، ميڊيم سانيا سولنگي، علي حسن سوهو ۽ ٻين والدين سان مخاطب ٿيندي چيو آهي حبيب پبلڪ اسڪول انتظاميا پنهنجي اسڪول جي شاگردن جي پڙهائي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهن شاگردن جي تعليم ۽ مستقبل جو خيال ھر وقت رکيو وڃي ٿو والدين کي گهرجي ته پنهنجي ٻار جي اسڪول ۾ ڪارڪردگي بابت اسڪول انتظاميا سان رابطو ڪري تعاون ڪيو وڃي ته جيئن ٻار جي صلاحيتن بابت والدين کي آگاهي ڏني وڃي۔

هنن وڌيڪ چيو ته شاگرد جي ڪاميابيءَ لاءِ استادن سان گڏ والدين کي به سخت محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي، تقريب ۾ اسڪولي ٻارڙن ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪري ڀرپور داد حاصل ڪيو جڏهن ته يوم پاڪستان جي ڏهاڙي حوالي سان قومي گيت ۽ پاڪستان جو ترانو پيش ڪري پياري پاڪستان سان ٻارڙن محبت جو اظهار ڪيو ويو آهي، تقريب ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻين وچ ۾ سوالن جوابن جا مقابلا ڪرايا ويا آهن، آخر ۾ حبيب پبلڪ اسڪول ۾ سالياني امتحان ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ مھمان خاص پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحيم سومرو مڊل ۽ شيڊول ڏنيون۔

جڏهن ته اسڪول جي بيست ٽيچر سانيا سولنگي، مس بختاور قاضي ۽ علي حسن سوهو کي شيڊول ۽ مڊل ڏنا ويا. هوڏانهن تقريب ۾ والدين عورتن، مردن ۽ ڏوڪري پريس ڪلب جي صدر قاضي آفتاب، فدا حسين ابڙو، ديدار سومرو ،قاضي فريد ،عبدالجبار ميمڻ، اطهر ميمڻ، ربنواز کوسو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here