اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ جي ڀيل برادري پاران پوليس جي ظلم جي خلاف پنهنجا ٻار ۽ عورتون وٺي مٺي پريس ڪلب آڏو احتجاج

0
186

مٺي: (عبدالرحمان جوڻيجو) تعلقي اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ سينگارو جي رھواسي ڀيل برادري پاران پوليس جي ظلم جي خلاف پنهنجا ٻار ۽ عورتون وٺي مٺي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو۔ ڳوٺاڻن پوليس خلاف دانهيندي ھيمراج چيو تہ مون جوابدار نالي گينو ، مورو ۽ ٻين ڏھ ڄڻن تي سيشن ڪورٽ اسلام ڪوٽ جي عدالت ڪرائيم 326 تحت درخواست داخل ڪرائي ھئي۔

انھي سلسلي ۾ آئون ٿاڻي اسلام ڪوٽ ويو ھئس تہ اتي موجود ايس. ايڇ. او قربان علي راڄڙ مون سان انصاف ڪرڻ بجاءِ جوابدارن جي ڌر بڻجي الٽو مون تي خواھ مخواھ تشدد ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو۔

بعد ۾ جوابدارن جي ساٿين عاقيل لنجو، جڙيو نون، ماستر سليم کي ٿاڻي تي گھرائي انھن جي چوڻ تي مون ۽ منھنجي چاچي لڇو کان زوري ڪورن پنن تي صحيحون ورتيون ويون، مذڪور بااثر وڏيرن ايس ايڇ او قربان راڄڙ ۽ جوابدار ڌرين اسان کي ڌمڪائيندي چيو تہ آئينده ڪٿي بہ دانھن کڻي ويا تہ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ڇڏينداسون۔

اسان غريب مسڪين ماڻهن سان نا انصافي ڪئي وئي آهي. اسان سان انصاف بجاء دوکو ۽ ظلم ٿيو آهي، اسان ايس. ايس. پي ٿرپارڪر، ڊي آء جي ميرپورخاص، آء جي سنڌ ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون تہ انھي واقعي جي جاچ ڪرائي ملوث جوابدارن، پوليس ۽ وڏيرن خلاف ايڪشن ورتو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ڳوٺاڻن ۾ ھيمراج، نندلال ، مھندرو، سامون،ھريان زال عارب ،سوڍي زال ڪرمڻ ، گلابان زال لڇو، ناجو زال مھندرو به شامل هئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here