فرانسيسي صدر جي اسلام مخالف بيانن ۽ گستاخ خاڪن خلاف لعلورائنڪ احتجاجي ريلي

0
260

لعلورائنڪ رپورٽ: روشن علي مغيري

فرانسيسي صدر جي اسلام مخالف بيانن ۽ گستاخ خاڪن خلاف لعلورائنڪ ۾ گورنمينٽ بوائيز هاءِ اسڪول لعلورائنڪ جي شاگردن ۽ استادن طرفان هاءِ اسڪول کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ استاد ۽ شاگردن فرانسيسي صدر ۽ گستاخ خاڪن خلاف سخت نعريبازي ڪندا شهر جي مک رستن کان ٿيندا پريس ڪلب پهتا۔

جتي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي اسڪول جي هيڊ ماستر الهرکيو چانڊيو، محمد ايوب جوڻيجو، علي حسن پيچوهو ۽ ٻين چيو ته پاڻ سڳورن جي شخصيت ايتري شفيق هئي جو هُن هر قسم جي مذهبي رواداري قائم رکي، پر اڄ ڪجھ سازشي ماڻهو ان عظيم شخصيت جا گستاخ خاڪا ٺاهي دنيا اندر رهندڙ مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي، هنن چيو ته اهڙي گستاخ خاڪن جي حمايت ڪرڻ تي فرانسيسي صدر کي فوري طور استيعفيٰ ڏيڻ گهرجي، فرانس حڪومت جي سرپرستي ۾ اھڙا قدم مذهبن ۾ وڇوٽيون پيدا ڪن ٿا۔

گستاخي وارن خاڪن سان پاڪستان سميت پوري مسلم امت جي جذبن کي ڌڪ رسيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور اهڙا گستاخ خاڪا ٺاهيندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪري انهن خلاف عالمي عدالت ۾ ڪيس هلايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here