انڊس هاءِ وي تي حيدرآباد کان لاڙڪاڻي ويندڙ تيز رفتار ڪار جو بيٺل پوليس اهلڪار جي موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر

0
247

وڳڻ رپورٽر حسن علي مغيري

وڳڻ شهر جي مين انڊس هاوئي تي حيدرآباد کان لاڙڪاڻي ويندڙ تيز رفتار ڪار جو ڊيوٽي تي بيٺل پوليس اهلڪار جي موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر، ڪار جي ٽڪر نتيجي ۾ وڳڻ ٿاڻي جو پوليس اهلڪار امداد علي مغيري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وڳڻ پوليس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي شعبائي حادثات منتقل ڪيو ويو۔

هوڏاهن حيدراآباد کان لاڙڪاڻي ويندڙ ڪار جي ڊائيور ۽ ڪار جي مالڪ غلام مرتضي وڌهو کي ڪار سميت وڳڻ پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، واقعو ڪيئن پيش آيو آهي وڌيڪ اسان جانچ ڪري رهيا آهيون ايس ايڇ او وڳڻ صادق علي عباسي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here