زيادتي جو نشانو بڻيل نينگري وٽ پي ٽي آئي ضلعي لاڙڪاڻي جي قيادت پهچي عيادت ڪئي

0
193

ڏوڪري.
ڏوڪري زيادتي جو نشانو بڻيل نينگري وٽ پي ٽي آئي ضلعي لاڙڪاڻي جي قيادت پهچي عيادت ڪئي ۽ انصاف جي خاطري ڪرائي. پي ٽي آئي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر سميع ﷲ ابڙو نينگريءَ جي عيادت ڪئي ۽ مالي مدد طور 25 ھزار ڪيش ڏنا. پي ٽي آئي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر سان ڏوڪري تعلقي جو صدر منور علي جوڻيجو ۽ ٻيا پي ٽي آئي اڳواڻ گڏ موجود هئا. ان موقعي تي پي ٽي آئي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر سميع ﷲ ابڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ گورنر سنڌ محمد عمران اسماعيل، اپوزيشن ليڊر سنڌ حليم عادل شيخ ۽ پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ انجنيئر سيف ﷲ ابڙو جي هدايت تي زيادتي جو نشانو بڻيل نينگري وٽ پهچي عيادت ڪئي آهي ۽ ٻي طرف پي ٽي آئي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ڏوڪري ۾ صحافي اصغر علي ميمڻ سان سندس والد جي وفات تي پڻ تعزيت ڪئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here