وائيلڊ لائيف آفيسر سڪندر کچي گرفتار

0
216

پکو رپوٽر محمدنواز مغيري

پکو ۾ فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻو وائيلڊ لائيف آفيسر سڪندر کچي گرفتار مٿس 82 لکن جا ڪوڙا چيڪ ڏيڻ جو ڪيس داخل، ڪيتري عرصي کان اشتھاري بڻيل وائيلڊ لائيف آفيسر کي پوليس رستي ۾ گرفتار ڪري ورتو، سڪندر کچي تي نوڪرين ڏيڻ بھاني شھري درمحمد منڱڻ کان لکين روپيه وٺي واپسي ۾ ڪوڙا چيڪ ڏنا ھئا جنھن تي متاثر مٿس ڪورٽ ۾ ڪيس پٽيشن داخل ڪرايو ھو۔

رپورٽ موجب پکو ۾ فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻو وائيلڊ لائيف آفيسر سڪندر کچي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو مٿس 82 لکن جو فراڊ ڪيس داخل ڪيو ويو ان ڏس ۾ وائيلڊ لائيف کاتي جو اڳوڻو انسپيڪٽر سڪندر علي کچي کي پوليس پکو شھر ٻاھران گھوگھارو لنڪ روڊ تان گرفتار ڪري ٿاڻي تي آڻي سخت پھري ھيٺ صدر ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته سڪندر کچي مٿان شھري درمحمد منڱڻ پاران سول ڪورٽ قمبر ۾ 82 لکن جي فراڊ جو پٽيشن داخل ڪرايو ويو جنھن تي پکو پوليس مٿس قلم 489 ۽ 420 جو فراڊ ڪيس داخل ڪيو ۽ ھو ڪيتري عرصي کان اشتھاري بڻيل ھو۔

ان حوالي سان ايس ايڇ او پکو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته وائيلڊ لائيف کاتي جي اڳوڻي آفيسر سڪندر کچي مٿان گھوگھارو واسي درمحمد منڱڻ ڪورٽ ۾ فراڊ جو ڪيس درج ڪرايو ھو جنھن کي اڄ اسان گرفتار ڪري صدر ٿاڻي قمبر پھچايو آھي ۽ گرفتار اشتھاري ملزم کي سڀاڻي قمبر ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو , ٻئي طرف فريادي متاثر درمحمد منڱڻ جو چوڻ آھي ته سڪندر کچي حاضر سروس دوران مختلف کاتن ۾ نوڪريون وٺرائي ڏيڻ جي بھاني مون کان 82 لکن کان وڌيڪ رقم وٺي ويو ھو ۽ رٽائر ٿيڻ وقت ھن مون کي نوڪريون ڏيڻ بجاءّ ڪوڙا چيڪ ڏنا ھئا۔

اھڙي طرح مون کي ڌمڪيون پڻ ڏياريندو ھو جنھن تي مون قمبر ڪورٽ سڳوري ۾ فراڊ جي پٽيشن داخل ڪرائي جنھن جي نتيجي ۾ ھن کي پوليس گرفتار ڪيو آھي، ھُن چيو ته مون کي انصاف ڪورٽ مان اميد آھي ته فراڊ جو انصاف ڪري رقم واپس ڪرائي ڏني ويندي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here