جنسي ڏاڍائي جو شڪار نينگري کي انصاف نه ملي سگهيو

0
191

لاڙڪاڻو (رپورٽ : غلام مهدي لنڊ) لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ يار محمد کوکر ۾ گذريل 10 آگسٽ تي ظالم جوابدارن طرفان جنسي ڏاڍائي جو شڪار بڻايل 11 ورهين جي نينگري ڪونج کوکر کي انصاف نه ملي سگهيو، نينگري پنهنجي وارثن سان گڏجي لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان پٽ تي ويهي احتجاجي ڌرڻو هنيو، جتي نينگري جي امڙ انصاف لاءِ ماتم ڪندي روئيندي رهي۔

ان موقعي تي نينگري ڪونج کوکر جي پيرسن والدين مينهل کوکر ۽ نسيم خاتون کوکر ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسين انتهائي غريب مسڪين ماڻهو آهيون، پورهيو ڪري پيٽ پاليندا آهيون، گذريل 10 آگسٽ تي بااثر جوابدارن جاني کوکر ۽ جميل کوکر اسان جي معصوم نياڻي ڪونج کوکر کي گهر ٻاهران اغوا ڪري کيس جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، اهڙي واقعي جو ڪيس باقراڻي ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس ملوث جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري، جڏهن ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ پڻ ڏاڍائي جي تصديق ڪئي وئي آهي۔

هنن چيو ته جوابدارن کي انتهائي بااثر ماڻهن جي پٽڀرائي حاصل آهي، جيڪي اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مسلسل موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته گذريل 9 سيپٽمبر تي اسان جي نوجوان پٽ قربان کوکر کي بااثر مٺل جتوئي، سهيل کوکر، عامر کوکر ۽ ٻين باقراڻي لڳ محراب پور ڳوٺ ۾ زبردستي اغوا ڪري احمد جتوئي جي اوطاق تي ڪمري ۾ بند ڪري کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ هٿيار ڏيکاري ڌمڪيون ڏنيون ته جنسي ڏاڍائي واري ڪيس تان هٿ کڻي وڃون، ٻي صورت ۾ توهان سڀني گهرڀاتين کي گوليون هڻي ماري ڇڏينداسين، بعد ۾ باقراڻي پوليس اوطاق تي ڇاپو هڻي پٽ قربان کي بازياب ڪرايو ۽ واقعي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو، پر پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو۔

جڏهن ته ڊي ايس پي باقراڻي خليل مسڻ بااثرن کان ڳري رشوت وٺي پٽ جي اغوا وارو ڪيس بي ڪلاس ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي، اسان کي هن وقت به باقراڻي پوليس ۽ بااثر ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، اسان جي ڪو به مدد ڪرڻ وارو ڪونهي، اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، پر انصاف نه ملي سگهيو آهي. اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي نينگري سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here