ڏوڪري
ڏوڪري ۾لوئر اسٽاف جي اهم گڏجاڻي تعلقي صدر عبدالغني ٿهيم جي صدارت هيٺ مين پرائمري اسڪول ۾ ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ مرڪزي پريس سيڪريٽري قاضي وسيم ﷲ جوڻيجو، امتياز علي ميراڻي، الطاف ٻگهيو، غلام مصطفي جوڻيجو، عابد علي ابڙو، رحيم بخش بخش جروار، رام لال راجپوت، راضي خان، عبدالنبي، منور علي سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت ننڍن ملازمن کي ٽائيم اسڪيل، اپ گريڊشين،يونيفارمر پگهار ۾ شامل ڪري ڏنو وڃي ۽ 2007 وارن کي ملازم پوئين سروس ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو، اجلاس ۾ دريا خان جمالي ۽ علي خان نظاماڻي جي مغفرت لاء دعا گهري وئي۔