ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ڪلي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ عدنان الطاف حسین انڙ پاران ڪارنر گڏجاڻي

0
288

ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ڪلي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ عدنان الطاف حسین انڙ پاران ڪارنر گڏجاڻي، ڳوٺ جي معززین پيپلزپارٽي کي الوداع ڪري جي ڊي اي ۾ شامل، تفصيل موجب ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ڪلي جي معززين سيد اصغر علي شاه، محمد علي چنو، شمن علي چنو، مولائي منصور علي چنو، راشد علي ڀنڊ، فدا حسين ڀنڊ، طارق حسين ڀنڊ، جعفر ڀنڊ، ،غلام علي جتوئي، عابد علي جتوئي، شاهنواز جتوئي ۽ هيرو خان جتوئي۽ ٻين پ پ کي الوداع ڪري جي ڊي اي اڳواڻ عدنان الطاف حسین انڙ جي هٿ تي جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو۔

ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ عدنان الطاف انڙ چيو ته اسان عوام سان هر ڏک سک ۾ گڏ آهيون پيپلزپارٽي کي الوداع ڪندڙ کي اسان ڀليڪار چئون ٿا، هنن چيو ته انڙ خاندان هميشہ عوامي سياست تي يقين رکيو آهي، اسان به پنهنجي وڏڙن جي نقشي قدم تي هلندي عوام جي ڀرپور خدمت ڪري رهيا آهيون۔ هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقن ۾ پيپلزپارٽي کي ڀرپور شڪست ڏئي ڪلين سوئپ ڪنداسين۔

ان موقعي تي وڏيرو مظفر چانڊيو، شڪيل بروهي، اڳوڻو يو سي چيئرمين فاروق احمد جتوئي، شاهد ابڙو، ذولفقار جتوئي، غلام سرور گاڏهي، ديدار علي شيخ خادم بروهي علي گل بروهي فضل ڦلپوٽو، فضل بروهي احمد نواز بروهي، سخاوت علي ڀنڍ، ارباب علي ڀٽي، محمد بخش بروهي، حاجي عظيم گاڏهي، سرائي اسلم نوناري، سرائي خالد حسين نوناري، نواب علي بروهي ۽ ٻيا پڻ جي ڊي اي اڳواڻ سان گڏ هئا۔.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here