ڪراچي پريس ڪلب ۾ حرن جي روحاني پيشوا، فنڪشنل ليگ جي سربراھ پير پاڳارا جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو

0
207
pir pagara

ڪراچي پريس ڪلب ۾ حرن جي روحاني پيشوا ،فنڪشنل ليگ جي سربراھ پير سيد صبغت الله شاھ  پير صاحب پاڳارا جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو تقريب کي خطاب ڪندي  پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو تہ اڄ اسان لاء وڏو خوشي جو ڏينھن آھي پير صاحب پاڳارا جن جي سالگره ملھائڻ ڪراچي پريس ڪلب جي روايت بڻجي وئي آھي، پير صاحب پاڳارو سياسي مدبر آھي، سندس ملڪي سياست تي گھري نظر آھي،ء ھو پاڪستان کي مظبوط ڏسڻ چاھي ٿو، جنھن جو نعرو آھي متحد سنڌ مظبوط پاڪستان ،سنڌ مظبوط ٿيندي ت پاڪستان خوشحال ٿيندو۔

سردار عبدالرحيم وڌيڪ چيو تہ پير صاحب پاڳاري پي ڊي ايم کي پيغام ڏنو تہ ٽڪراء  بجاء ڀائيچاري سان معاملات حل ڪيا وڃن،جنھن کانپوء پي ڊي ايم نرمي اختيار ڪئي آھي، ھن چيو تہ پير صاحب پاڳاري جا لکين فالوورز آھن، پر ان م ڪوب غرور نہ آھي، ھو صوفي منش ء غريب پرور آھي، ء سڀني کي عزت ڏيندو آھي،سندس سايو ھميشه اسان تي دائم قائم رھي،ايم پي اي ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ چيو ت پير صاحب جي شخصيت ڪنھن کان ب لڪل نہ آھي، جي ڊي اي اتفاق راء سان سيد صدرالدين شاھ راشدي کي سينيٽ جو اميدوار نامزد ڪيو آھي، ايم پي اي وريام  فقير خاصخيلي چيو ت اڄ خوشي جو ڏينھن آھي دعا ڪيون ٿا ت الله تعالي پير صاحب پاڳاري کي خضري عمر عطا فرمائي،سندس سياست محبت ء ڀائيچارو آهي،تقريب م ڪراچي زون رابطه ڪميٽي جي ڪنوينئير بئريسٽر ارشد شر بلوچ ،ڊپٽي ڪنوينئر سلمان فياض ء ٻين شرڪت ڪئي۔،

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here