سبزي منڊين ۾ بزرگ شهرين جي داخلا تي پابندي ۽ ماسڪ جو استعمال لازمي قرار

0
157

ڪراچي(اسٽاف روپورٽر) سنڌ حڪومت ڪورونا جي پيش نظر صوبي جي تمام سبزي منڊين ۾ بزرگ شهرين جي داخلا تي پابندي ۽ ماسڪ جو استعمال لازمي قرار ڏئي ڇڏيو. زراعت واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو ايس او پيز جاري ڪندي وڌيڪ چيو ته سبزي منڊين ۾ خريداري ڪندڙن جي ماسڪ کان بغير داخلا تي پابندي لاڳو هوندي، ڊائريڪٽر مارڪيٽ ڪميٽي، ايڊمنسٽريٽر ۽ چيئرمينن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، نيلامي ۽ خريد و فروخت دوران ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪيو وڃي۔

اسماعيل راهو چيو ته سبزي منڊين ۾ رش گهٽ ڪرڻ ۽ سماجي فاصلو برقرار رکڻ لاءِ هڪ هڪ شخص کي داخلا جي اجازت هوندي، سڀني سبزي منڊين جي مارڪيٽن جي چيئرمينز کي گيٽين تي سينيٽائزر مشينون نصب ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جنهن سبزي منڊي ۾ ايس او پي تي عمل نه ٿيندو ان کي بند ڪيو ويندو، سبزي منڊين جي اندر واپارين ۽ دڪاندارن کي به ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي هدايت۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here