ڪراچي : مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين۽ ايم اين اي شازيه مري چيو آهي ته سينيٽ جي چونڊن ۾ ناڪامي کانپوءِ حڪومت پنهنجو ذهني توازن پڻ وڃائي ويٺي آهي ـ ھن چيو آهي ته سينيٽ ۾ اپوزيشن جماعتن کي واضح اڪثريت حاصل آهي جڏهن ته وفاقي وزير شبلي فراز پاران ڪجهه به ڪري سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن جیتڻ جي عجيب ڳالهه ڪئي آهي ـ
اھڙين ڳالهين جو اظھار اڄ ھن سندس پاران جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ ڪيو ويو آهي ـ شازيه مري چيو آهي ته ھاڻي حڪومت سينيٽ جي چيئرمين جي چونڊ کي ڳجهي رکڻ لاءِ به اڪثر وڪالت ڪندي نظر اچي رھي آهي ـ ھن چيو ته اسان اڳ ۾ چئي چڪا آهيون ته حڪومت کي پنهنجي ميمبرن تي يقين نه آهي ـ
ھن وڌيڪ چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ سيد يوسف رضا گيلاني جي بطور سينيٽ چيئرمين جي فتح پڻ عوام جي فتح هوندي ۽ عوام موجودا نااھل ۽ نالائق سليڪٽڊ ٽولي کان تنگ ٿي چڪو آهي ـ شازيه مري چيو ته ھنن جا نااھل ماڻهو ٽي وي تي ويھي وڌندڙ بيروزگاري ۽ مھانگائي ۾ رڪارڊ اضافو جو بي شرمي سان دفاع ڪن ٿا ۽ جڏهن ته عوام کين رد ڪري ڇڏيو آهي۔