قمبر جمعيت علماء اسلام صوبي سنڌ جي حڪم تي ڪراچي کي سنڌ کان امڪاني طور تي ڌار ڪري ڪور ڪميٽي جي حوالي ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو

0
261

قمبر رپورٽ: قاضي نياز حسين

قمبر جمعيت علماء اسلام صوبي سنڌ جي حڪم تي ڪراچي کي سنڌ کان امڪاني طور تي ڌار ڪري ڪور ڪميٽي جي حوالي ڪرڻ خلاف سڄي سنڌ جيان قمبر ۾ به مرڪز جمعيت کان احتجاجي مظاهرو ڪڍيو ويو جيڪو شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندو شهيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب پهتو ۽ انھن سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن مولانا محمد عزير گل جاگيراڻي محمد يونس لاکو جن خطاب ڪندي چيو ته وفاق پنهنجي ناڪام پالسين کي لڪائڻ ۽ پنهنجي حڪومت کي ڊيگھ ڏيارڻ لاءِ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا انهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي کي ڪور ڪميٽي جي حوالي ڪرڻ نه ڏينداسين ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آئي جي حڪومت سنڌ خلاف سازشون ڪري رهيا آهن پ پ پ جي حڪومت انهي گناهه ۾ برابر جي شريڪ آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here