ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 6 ڄڻا فوت، 194 ٻيا متاثر ٿيا، وڏو وزير

0
214
CM Sindh

ڪراچي (22 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 6 ڄڻا مريض فوت ٿيا ۽ 194 ٻين کي متاثر ڪيو آهي جڏهن ته فوتين جو انگ وڌي 2469 ۽ مثبت ڪيسن جو انگ 134437 تائين پهچي ويو آهي۔ هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪورونا وائرس سان وڙهندي 6 وڌيڪ مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 2469 ٿي ويو آهي جيڪا 1.8 سيڪڙو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 13056 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 194 نوان ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 1.48 سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت تائين 1256324 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 134437 مريضن پڌرا ٿيا آهن، جن مان 96 سيڪڙو يعني 128810 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن اندر 316 مريض پڻ شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير موجب 3158 مريض هن وقت علاج هيٺ آهن جنهن ۾ 2874 گهرن ۾، 5 آئسوليشن سينٽرز ۽ 279 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن جڏهن ته 141 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جن مان 17 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 194 نون ڪيسن مان 134 جو تعلق ڪراچي سان آهي جن ۾ ضلع اوڀر 46، ضلع مرڪز 33، ضلع ڏکڻ 29، ضلع ملير 18 ۽ ضلع اولهه 8 آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته لاڙڪاڻي7، ڄامشورو ۽ ٺٽي ۾ 3-3، سکر ۾ 2، دادو ۽ سجاول ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here