ڪنڌڪوٽ: امڪاني ٻوڏ ۽ برساتن جي سلسلي ۾ حفاظتي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ گڏجاڻي

0
211

ڪنڌڪوٹ رپورٹ غفار منگی

ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي امڪاني ٻوڏ ۽ برساتن جي سلسلي ۾ حفاظتي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي۔ ان موقعي تي هن ضلعي جي سمورن کاتن جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته امڪاني ٻوڏ ۽ برساتن دوران پنهنجو ڪم فرض سمجهي ايمانداري سان سرانجام ڏين ته جئين ڪنهن به قدرتي آفتن ۽ ٻوڏ کي بهتر نموني منهن ڏئي سگهجي ان کانسواء هن مڪاني ادارن جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته شهرن مان برساتي پاڻي جي نڪاسي لاء جوڳا اپاء ورتا وڃن۔

وٽنيري کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته علائقي جي جانورن لاء ويڪسينيشن جو بندوبست ڪيو وڃي آبپاشي کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته ضلعي جي بچاء بندن جي مرمت ۽ حساس هنڌن تي نگراني کي يقيني بنايو وڃي ۽ 24 ڪلاڪ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ بندن تي امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاء گهربل سامان جي موجودگي کي يقيني بنايو وڃي ته جئين ڪنهن به هنگامي صورتحال کي بروقت منهن ڏئي سگهجي۔ هن وڌيڪ چيو ته 4 کان 5 لک پاڻي پهچڻ جو انديشو آهي جنهن سان بندن تي پريشر پوندو ۽ ڪچي جو عوام متاثر ٿيندو ريوينيو عملدارن کي هدايت ڪئي ته تپيدارن کي ڪچي ۾ موڪلي عوام کي ٻاهر اچڻ لاء چيو وڃي ميڊيڪل ، رليف ۽ وٽنيري ڪئپون بچاء بندن تي قائم ڪيون وڃن۔

ان سلسلي ۾ ضلعي اينجيوز پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن هن چيو ته ايڪٽيڊ ۽ سرسو کي ڪشمور ۾ جڏهن ته هينڊز ڪنڌڪوٽ ۾ پنهنجو ڪم سرانجام ڏين امڪاني ٻوڏ دوران ريجرس ۽ پوليس عوام ۽ عملدارن جي سيڪيورٽي کي يقيني بنائن ڊي ايچ او کي هدايت ڪئي ته بچاء بندن تي ميڊيڪل ڪئپون قائم ڪري دوعائن جي فراهمي ، ڊاڪٽرن ۽ عملي جي موجود کي يقيني بنايو وڃي ان سلسلي ۾ ٽينٽ فراهم ڪيا ويندا جيڪي بچاء بندن تي لڳايا ويندا ميگا فون ذريعي عوام کي اگاه ڪيو وڃي هن وڌيڪ چيو ته لانچ فراهم ڪندا سين جئين ڪچي جي عوام کي وقت سر ريسڪيو ڪري سگهجي سيپڪو عملي کي هدايت ڪئي ته لوڊ شيڊنگ جي آزار کي ختم ڪيو وڃي ته جئين برسات جي پاڻي کي نڪال ڪرڻ لاء ڊسپوزل مشينون هلايون وڃن امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاء ڪانٽيجينسي پلان جوڙيو وڃي۔

ان موقعي تي آبپاشي عملدارن گڏجاڻي کي آگاهي ڏيندي چيو ته بندن جي حساس هنڌن جي نگراني کي يقيني بنائڻ لاء چوڪيون قائم ڪيون ويو آهن اينجيوز جي نماعدن گڏجاڻي کي ٻڌايو ته امڪاني ٻوڏ دوران ڪانٽيجينسي پلان جوڙيو ويو آهي جنهن ۾ ميڊيڪل ايڊ، ڪئپس ، کاڌ خوراڪ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون ۔اسسسٽنٽ ڪمشنر ڪشمور چيو ته ڪنڌڪوٽ ضلعي جي ڪچي ۾ 16 ديھ آهن جتان جي عوام کي امڪاني ٻوڏ کان بچاء لاء سهولتون فراهم ڪيون وينديون گڏجاڻي ۾ ريوينيو ، ڊي ايچ او ،پبلڪ هيلٿ ، ضلعي اينجيوز آبپاشي ، اسسٽنٽ ڪمشنرز وٽنيري، انفارميشن آفيسر ۽ واسطيدار کاتن عملدارن شرڪت ڪئي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here