ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر، برسات متاثرن لاءِ سھولتن جو جائزو وٺڻ نئوڪوٽ قلعي پھچي ويو

0
270

مٺي: ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوھو نوڪوٽ قلعي ويجھو صحت کاتي ٿرپارڪر، نيوٽيڪ، ھيلپنگ ھينڊز، شفا فائونڊيشن ٿرپارڪر ۽ ٻين سماجي تنظيمن پاران برسات متاثرين ۾ صحت جي سھولتن جي فراھمي ۽ شفا فائونڊيشن پاران متاثرين ۾ کاڌو فراھم ڪرڻ واري ڪم جو جائزو وٺڻ لاء پھتو۔ ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ٿرپارڪر ڊاڪٽر گورڌن داس، اسٹنٹ پروگرام مینیجر ایم این سی ایچ غلام مرتضي نوناري، پراونشل پروگرام ڪوآرڊينيٽر ايم اين سي ايڇ ڊاڪٽرصاحب بدر جان، اسٽنٽ ڪمشنر مٺي جاويد احمد ڏاھري، مختيارڪار مٺي غلام مصطفي کوسو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسر پڻ ساڻس گڏ ھئا۔

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوھو چيو ت برسات متاثرين ۾ امدادي سامان جي فراھمي سان گڏوگڏ صحت جون سھولتون فراھم ڪرڻ خوشي جي ڳالھ آھي ڇاڪاڻ تہ برسات کانپوء ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺن ٿيون ان ڪري ماڻھن کي بنيادي صحت جون سھولتون فراھم ڪرڻ وقت جي پڻ اھم ضرورت آھي ۽ چيو تہ صحت کاتي سان گڏوگڏ سماجي تنظيمن جون صحت شعبي ۽ ٻين انساني خدمت جي جذبي سان اڳتي اچڻ قابل فخر جي ڳالھ آھي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here