عورت کي آپريشن ٿيٽر ۾ مبينا نشو ڏئي زيادتي ڪندڙ 3 جوابدار عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش

0
282

رپورٽ: غلام مھدي لنڊ

لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا پل قائم نجي ميڊيڪل سينٽر تي گذريل رات شادي شده عورت کي آپريشن ٿيٽر ۾ مبينا نشو ڏئي زيادتي ڪندڙ 3 جوابدارن کي سچل ٿاڻي جي پوليس عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي.هوڏانهن شهر جي سڄاڻ ڌرين ڳڻتي جو اظهار ڪندي اهڙي واقعي تي افسوس ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ايس پي مسعود احمد بنگش فوري نوٽيس وٺي جاچ دائرو وڌائي ملوث سمورن جوابدارن کان جاچ ڪئي وڃي ته هو ڪٿي ڪٿي ڪهڙي سينٽرن تي هو ملازم رهيا آهن ۽ اهڙن ڪارنامن ۾ ملوث آهن۔

هنن وڌيڪ چيو ته آخري پيرائتي جاچ پوليس ئي ڪندي آهي اگر اهڙي ڪدي ڪم ۾ پوليس سستي ڏيکاري ته پوءِ اسان جي شهر جي عوام جو ڇا ٿيندو هڪ ته هن وقت تائين جعلي دوائون جيڪي بونس تي وڪرو ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر مافيا جا چند ماڻهن غريبن جي زندگين سن کيڏي رهيا آهن.جيڪا شهري عوام سان سراسر زيادتي آهي هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي اهڙي ڪدي ڪمن ۾ ملوث ماڻهن کي وائکو ڪري شهرين جون زندگيون ۽ عزتون بچايون وڃن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here