پير مهتاب شاھ جو قديمي قبرستان چوديواري کان محروم

0
191

لعلورائنڪ (رپورٽر) لعلورائنڪ ۾ پير مهتاب شاھ جو قديمي قبرستان چوديواري کان محروم قبرستان چوڌاري کليل هجڻ سبب رولو ڪتن قبرستان ۾ ديرا ڃمائي ورتا آهن رولو ڪتا قبرون کوٽڻ لڳا، تفصيل موجب لعلورائنڪ ۾ پير مهتاب شاھ جو قديمي قبرستان چئو ديواري کان محروم قبرستان ۾ رولو ڪتن ۽ رولو گڏهن ديرا ڃمائي ورتا۔

اهڙي طرح ڪافي قبرون مسمار ٿيڻ لڳيون جن جي سڃاڻپ مشڪل ٿيندي پئي وڃي. جيتوڻيڪ قبرستان مين روڊ تي واقع آهي پر تنهن هوندي به قبرستان چوديواري کان محروم آهي قبرستان کي چئو ديواري نه هجڻ سبب قبرستان ۾ ڪتا داخل ٿي وڃن ٿا جيڪي قبرون کي کوٽين ٿا ڪتن جي آزار سبب هتان جا رهواسي پنهنجي پيارن جي لاش کي دفنائن کان بعد ٻٻر يا ٻير جو وڻ ڇانگهي ان سان قبر کي بلڪل ڍڪين ٿا ته متان ڪو ڪتو قبر کوٽي۔

پير مهتاب جي گادي نشين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قبرستان کي چئو ديواري نه هجڻ سبب رولو ڪتان ۽ ٻيا جانور قبرستان ۾ اندر داخل ٿين ٿا جيڪي قبرن سان تمام گهڻي کينس ڪندا آهن. هنن چيو ته اسان جو سڄو ڏينهن قبرستان مان ڪتن کي ڀڄائڻ ۾ گذري وڃي ٿو۔ پر پوئ به روزانو ڪافي قبرون ڪتا کوٽي وڃن ٿا هنن وڌيڪ چيو ته جيئن ته هر سال پير مهتاب شاھ جو ميلو به لڳندو آهي تنهنڪري قبرستان کي چوديواري ڏئي ڍڪجي ته بهتر رهندو هنن اعلا اختيارن کان اها گهر پڻ ڪئي ته قبرستان کي چوديواري ڏني وڃي ته جيئن ڪتن آزار گهٽجي سگهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here