وڳڻ ۾ يوم پاڪستان وارو ڏھاڙو ڀرپور نعموني سان ملهايو ويو

0
200

وڳــــــــــــڻ رپورٽر حسن علي مغيري

وڳڻ شھر ۾ سڄي ملڪ جئيان قومي آمن ڪاميٽي جي اڳواڻن ايڊوڪيٽ ارباب علي بڙدي ۔ بشير احمد بڙدي ۔ حسن علي مغيري وسيم بڙدي ۽ ايڊوڪيٽ يار محمد مغيري جي طرفان وڳڻ يوم پاڪستان وارو ڏھاڙو ڀرپور نعموني سان ملهايو ويو۔

ريلي اين پي آ۽ سي ڊي آفيس وڳڻ مان نڪتي جيڪا شھر جي مختلف روڊ رستن تان ٿيندي مين چونڪ تي پهتي جتي اڳواڻن پاران خطاب ڪندي چيو ته اچ ھي ڏينهن اسان جي لا۽ خوشي جو ڏينهن آھي ۽ هن ڏينهن تي اسان جو ملڪ ٺھيو ۽ اسان خوش نصيب آھيون جو اسان کي سرسبز ملڪ مليو آھي۔

ريلي ۾ شريڪ ماڻھن جي هٿن ۾ پرچم هئا ۽ هر طرف پاڪستان زندھ آباد پاڪ آرمي زندھ آباد جا نعارا بلند رهيا جڏھن ته ريلي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام به انتهائي سخت ڪيا ويا وڳڻ ٿاڻي جي پوليس ۽ 15 فا۽ پوليس جا جوانن به ڊيوٽي ڏيندا رهيا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here