لعلورائنڪ ۾ گرلس پرائمري اسڪول تعمير نه ٿي سگهيو، نياڻيون ٻاهر کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور

0
202

رپورٽ روشن علي مغيري

تفصيل موجب گورنمينٽ پرائمري اسڪول گرلس جي عمارت مڪمل ختم ٿي وئي جيڪا ڪنهن وقت به ڊهي پٽ پئجي سگهي ٿي تقريبن يارهن مهينا گذري وڃڻ باوجود ايجوڪيشن ورڪس جي سستي ۽ نااهلي جي ڪري ڪم رولهڙي جو شڪار آهي جنهن جي نتيجي ۾ نياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي۔

اهڙي طرح اسڪول جي عمارت ختم هجڻ جو جواز ڄاڻائي ايجوڪيشن ورڪس طرفان ڪنهن جاني نقصان کان بچڻ لاءِ اسڪول کي گورنمينٽ هاءِ اسڪول گرلس ۾ شفٽ ڪيو ويو پر هائي اسڪول گرلس ۾ محدود جڳھ ۽ ڪمرن جي کوٽ سبب نياڻيون کليل آسمان هيٺ تعليم حاصل ڪري رهيون آهن۔

ڪلاس رومن جي کوٽ سبب ٻارڙن جي حاضري جو ريشو به گهٽ ٿيندو پيو وڃي. يارهن مهينا گذرڻ باوجود به هن وقت تائين اسڪول جي پراڻي عمارت کي مسمار نه ڪيو آهي. ۽ نه ئي وري ان طرف ايجوڪيشن ورڪس وارن جو ڪو ڌيان رهيو آهي۔ 

ان سلسلي ۾ پرائمري اسڪول گرلس جي هيڊ ماستر ميڊيا کي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته اسان کي يارهن مهينا اڳ اسان پنهنجي اعليٰ آفيسرن کي اسڪول جي عمارت ختم هجڻ بابت درخواستون لکيون جن اچي اسڪول جي عمارت کي چڪاسي اهو چيو ته اسڪول جي بلڊنگ مڪمل طور ختم آهي جيڪا ڪڏهن به ڪري سگهي ٿي ۽ جاني نقصان ٿي سگهي ٿو۔

تنهن ڪري انهن اسان کي هائي اسڪول ۾ شفٽ ڪيو پر هتي اسان کي تمام گهڻي تڪليف آهي اسڪول ۾ ڪمرن جي تمام گهڻي کوٽ آهي جنهن جي ڪري ڪجهه نياڻيون ورانڊي ۾ ٿيون پڙهڻ ڪجهه وري ڏاڪڻين تي ۽ ڪافي ويچاريون کليل آسمان هيٺان اس ۾ پڙهي رهيون آهن ۽ جڳھ محدود هجڻ سبب ۽ سهولتن جي اڻاٺ سبب ڪافي نياڻيون تعليم جي زيور کان محروم به ٿي رهيون آهن۔  

هنن وڌيڪ چيو ته هي اهو واحد اسڪول آهي جنهن جا ٻار تمام گهڻا محنت ڪش آهن جتي ٻه سائنسي ميلا لڳي چڪا آهن جنهن جو مهمان خاص ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ رهي چڪو آهي ۽ هتان چار نياڻيون آئي بي اي جي ٽيسٽ پاس ڪري آئي بي اي اسڪول ۾ ٿيون پڙهن جن جي پڙهائي جو سڄو خرچ گورنمينٽ پاڻ پئي ڪري۔

اسان جي آس پاس جي ڳوٺن جون نياڻيون به هن اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اينديون آهن ڇو ته هن اسڪول جي تعليم جو معيار بهتر رهيو آهي. پر اسڪول نه هجڻ ڪري يارهن مهينن کان وٺي اسين مسلسل پريشان آهيون، ۽ نياڻين جي تعليم پڻ متاثر ٿي رهي آهي۔

اسين اعلا اختيارين وزير تعليم سعيد غني ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ايجوڪيشن ورڪس وارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان کي اسڪول نئين سر تعمير ڪرائي ڏنو وڃي جيئن نياڻيون بهتر نموني تعليم پرائي سگهن ۽ ٻيهر تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ بهتر ۽ سازگار ماحول جڙي سگهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here