رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس نه مليو، ملازمن جو احتجاج

0
161

ڏوڪري: رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس نه مليو، ملازمن جو احتجاج، سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس کان محروم بڻيل، ملازمن جون گروپ انشورنس جون قسطون وقت تي ادا ڪرڻ باوجود به رقم نه ملي، ملازم آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل، رقم نه ملڻ تي مايوسي جو شڪار بڻجي ويا آهن۔

ان ڏس ۾ گذريل رٽائرڊ ملازم قاضي الھ بچايو، حمز علي جوڻيجو، عابد علي ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ صحافين اڳيان دانهندي چيو ته سرڪار طرفان گروپ انشورنس جون سموريون قسط وقت تي ادا ڪري ٿي۔ هنن چيو ته ملازم رٽائر ٿيڻ بعد گروپ انشورنس ملازمن کي نه ٿو ڏنو وڃي، هنن چيو ته انشورنس آفيس جا چڪر ڪاٽڻ جي مجبور بڻجي ويا آهيون، هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بنا دير رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here