آءِ آر ڊي جي سجاڳ پروگرام لاڙڪاڻي شھر ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ ايڇ آءِ ويءَ سان رھندڙ ماڻھن جي قبوليت جي شعور جي ڦھلاءُ لاءَ چنگچي رڪشا ريلي منعقد ڪئي

3
436

رپورٽ: قاضي مهراڻ / سارنگ ابڙو

سورنهه جون 2021 تي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي شھرن لاڙڪاڻي، باڊھ، ڏوڪري ان جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن جون گهٽيون رنڱجي ويون جڏھن ايڇ آءِ ويءَ سان رھندڙ ماڻھن جي قبوليت جي لاءِ جاڳرتا مھم ھلائڻ ڪاڻ چنگچي رڪشا ريليءَ جي صورت ۾ نڪري پيا. بينر لڳل ۽ ڳانا وڄائيندڙ چنگچي رڪشن کي مقامي ڊرائيورَلاڙڪاڻي، باڊھ ۽ ڏوڪري شھر ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن جي گهٽين ۾ ڪاھي پيا تہ جيئن انھن مشڪلاتن جي سڃاڻپ ڪري سگهجي جن کي ايڇ آءِ ويءَ سان رھندڙماڻھو منھن ڏئي رھيا آھن۔

سجاڳ پروگرام ضلعي لاڙڪاڻي جي شھر رتيديري ۾ سال 2019 ۾ ايڇ آءِ ويءَ جي ڦھلجڻ کان پوءِ ايڇ آءِ ويءَ سان رھندڙ ماڻھن جي مدد جي لاءِ ھڪ اھم قدم آھي، تہ جيئن طبي غفلتن جي ڪري ڦھلجندڙ ايڇ آءِ ويءَ کي ختم ڪري سگهجي. جنھن جي ڪري 1100 کان مٿي 7 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار ان جو شڪار ٿي چڪا آھن۔

سجاڳ پروگرام ڳوٺاڻي سطح تي ماڻھن جي مدد لاءِ سھڪاري گروپ ٺاھيا آھن، جن جو مقصد سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح ايڇ آءِ ويءَ سان رھندڙماڻھن سان جڙيل ماڻھن سان ملي اھڙين ڳالھين تي نظر وجهڻ آھي جنھن سان ايڇ آءِ ويءَ سان رھندڙماڻھن جي مناسب مدد ڪري سگهجي۔

ھي پروگرام ماڻھن کي گڏ ڪري متحرڪ ڪرڻ ۾ رُڌل آھي تہ جيئن اُھي پاڻ کي ذميدار شھري سمجهي ايڇ آءِ ويءَ سان رھندڙماڻھن جي مدد ڪرڻ کي پنھنجو قرض سمجهن . سجاڳ پروگرام جي ٽيم جي ڀرپور ڪوشش آھي تہ ماڻھن ۾ پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرڻ جو جزبو پيدا ڪري سگهجي. انھيءَ لاءِ ماڻھن ۾ جاڳرتا ڦھلائڻ لاءَ سجاڳ پروگرام تحت لاڙڪاڻي ، باڊھ، ڏوڪري ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ ٿيٽرپروگرام ڏيکاريا وڃن پيا، مقامي ٽي وي چينلن تي اشتھار ھلايا ويا ۽ بينر لڳل، گيت وڄائيندڙ چنگچي رڪشن جون ريليون پڻ ڪـڍيون ويون تہ جيئن ملڪ ۾ ايڇ آءِ ويءَ سان رھندڙ ماڻھن جي لاءِ منفرد طريقي سان سھڪار جو شعور ڦھلائي سگهجي۔

چنگچي رڪشا شھرن توڙي ڳوٺن ۾ سفري سھولتن جو سڀ کان وڏو ۽ عام ذريعو ھجڻ جي ڪري ايڇ آءِ ويءَ سان رھندڙماڻھن جي مدد ڪرڻ جي شعور جي پيغام کي ڦھلائڻ جو تمام سٺو ۽ اثرائتو ذريعو آھي، اھڙو بيان پريس ڪلب باڊھ جي جوائنٽ سيڪريٽري طاھرساريو ڏنو . ھن وڌيڪ پنھنجو مقصد ٻڌائيندي چيو تہ، ايڇ آءِ ويءَ متعلق خوف ھجڻ واري صورتحال ۽ ان سان جڙيل خدشن تي ڳالھ ٻولھ ڪري ان کي گهٽائي سگهجي ٿو ۽ ايڇ آءِ ويءَ جي دوا وٺي ان جي اثَرن کان پاڪ ۽ ڀرپور صحتمند زندگي گذاري سگهجي ٿي۔

سليم رضا مشوري ھڪ سماج سڌارڪ ۽ صحافيءَ چيو تہ، اسان جو مقصد بہ اھو ئي آھي تہ، آھستي آھستي ماڻھن جي سوچ ۾ مثبت تبديل آڻيون، جيڪو سجاڳ پروگرام جو نعرو پڻ آھي تہ ”ڄاڻ زندگي آھي۔

3 COMMENTS

  1. Thank you so much VNS for helping us out in a Nobel cause of creating safe space for people living with HIV through raising awareness. ♥️

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here