ڏھ کان وڌيڪ نامعلوم هٿيار بندن جو ڳوٺ مٿان ڪڙو چاڙهي هوائي فائرنگ

0
187

سجاول جوڻيجو : رپورٽر

سجاول جوڻيجو جي ڳوٺ جيئند لڪ ۾ ڏھ کان وڌيڪ نامعلوم هٿيار بندن جو ڳوٺ مٿان ڪڙو چاڙهي هوائي فائرنگ ڪئي جنھن بعد هلندڙ ٿريشر ۽ ٽريڪٽر کي گولين جو کاڄ بڻائي ٽريڪٽر جي ٽائرن ۽ باڊي کي مڪمل طور تباھ ڪري ڇڏيو اهڙي واقعي کانپوءِ هٿيار بند آساني سان فرار اطلاع تي پوليس پھچي واقعي جا تفصيل معلوم ڪرڻ بعد شڪ جي بنياد تي پ پ ديھ جو صدر ۽ مشھور ٽرانسپورٽر کي گرفتار ڪري ورتو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نٿي سگھيو۔

رپورٽ موجب ڳوٺ جيئند لڪ مٿان رات دير جي وقت ڏھ کان وڌيڪ هٿيار بندن ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهڻ بعد ڳوٺ مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي گھرن ڀرسان هلندڙ غلام شبير لڪ جي سارين جي ٿريشر ۽ ٽريڪٽر کي گوليون هڻي ٽريڪٽر کي نقصان رسايو جنھن جا چارئي ٽائر باڊي ۽ انجڻ تباھ ٿي وئي ٻڌايو پيو وڃي تہ پيش آيل واقعي جو اصل ڪارڻ زرعي زمين آهي۔

هوڏانهن سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي پوليس جاءِ واردات واري هنڌ پھچي پيش آيل واقعي جا تفصيل معلوم ڪرڻ بعد ديھ جيئند لڪ جي پ پ صدر ۽ مشھور ٽرانسپورٽر معشوق علي لڪ کي ايس ايڇ او احسان علي بليدي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو صحافين طرفان رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او احسان علي بليدي ٻڌايو تہ زمين جو معاملو آهي جيڪا ڀنڊ برادري جي هئي جن ڏاهاڻي کي وڪرو ڪئي آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نٿي سگھيو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here