ڀارتين کي عام پاڪستانيءَ جي رهڻ ڪهڻ جي ڪا به خبر ناهي: صنم سعيد

0
54

مشهور اداڪارا صنم سعيد چيو آهي ته سڄو پاڪستان بالي ووڊ ڏسي وڏو ٿيو آهي، پاڪستانين کي ڀارت ۾ ٿيڻ واري هر شيءَ جي ڄاڻ آهي، هو مڪمل طور ڄاڻي ٿو ته ڀارتي ڇا ۽ ڪهڙا ڪپڙا پايندا آهن پر ڀارتين کي پاڪستان بابت ڪا به ڄاڻ ناهي.

رپورٽ موجب اداڪارا پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڀارتين کي ته اها به خبر ناهي ته پاڪستان ڪهڙا چولو سٿڻ پائيندا آهن، پاڪستاني عورتون ڪيئن وار ٺاهينديون آهن، جڏهن ته پاڪستاني عورتون ڄاڻن ٿيون ته ڀارتي عورتون وار ڪيئن ٻڌنديون آهن.

صنم سعيد جو چوڻ آهي ته اٽڪل سڄو پاڪستان فلمون ڏسندو آهي انهن فلمن سبب ئي پاڪستاني ڀارتين بابت گهڻو ڄاڻن ٿا، کين اتان جي ثقافت، کائڻ پيئڻ جي انداز ۽ رسمن جي به ڄاڻ آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here