سنڌ حڪومت هڪ دفعو ٻيهر مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو

0
87

سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ سڀاڻي مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو آهي.
سنڌ حڪومت طرفان صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي سڀاڻي مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ ٻيهر خط لکيو آهي جنهن ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ سڀاڻي مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون وڃن.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سيڪيورٽي نه هجڻ سبب ڪوبه اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي سگهي ٿو. سنڌ حڪومت چيو آهي ته سيڪيورٽي جا انتظام مڪمل ٿيڻ تائين مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون وڃن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here