تعلقه اسپتال سڪرنڊ ۾ سهولتن جي اڻھوند بابت لاڳاپيل کاتي سان ڳالهائي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، غلام قادر چانڊيو

0
169
sakrand taluka hospital

سڪرنڊ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)

تعلقه اسپتال سڪرنڊ ۾ سهولتن جي اڻھوند بابت لاڳاپيل کاتي سان ڳالهائي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس اهڙو اظھار پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جو چيئرمين ايم پي اي غلام قادر چانڊيو تعلقه اسپتال بهتري ڪميٽي جي چيئرمين محمد صديق منگيو ، رضا محمد چانڊيو ۽ خير محمد چنا طرفان تعلقه اسپتال سڪرنڊ اسپتال جي ٽراماسينٽر ، او پي ڊي ۽ آپريشن ٿيٽر ۾ دوائن ۽ ٻين سهولتن جي اڻھوند بابت ڊاڪٽر دولت جمالي.ڊسٽرڪٽ مئنيجر آئي ايڇ ايس ڊاڪٽر آصف رضا بروهي ، ڊاڪٽر امتياز چانڊيو ۽ احساس جي مئنيجر چوڌري نثار سان ٿيل اهم گڏجاڻي ۾ ڪري رهيو هو۔

هن چيو ته تعلقه اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ سبب ايندڙ ماڻھو سخت پريشان ٿين ٿا ۽ او ٽي ۾ سهولتون نه هئڻ سبب ايمرجنسي ڪيس نوابشاه ريفر ڪيا وڃن ٿا ، جيڪا ڳڻتي جهڙي ڳالھ آهي هن چيو ته اهي مسملا حل ڪرڻ لاءِ ضرور ڪوشش ڪندس ان کان اڳ بهتري ڪميٽي جي چيئرمين محمد صديق منگيو ۽ ٻين چيو ته اسپتال ۾ سهولتون ڏيڻ ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ حڪومت جي ذميداري آهي ، جيڪا پوري نه پئي ڪئي وڃي هن چيو ته لاڳاپيل ادارن کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته صحت کاتي طرفان مقرر بجيٽ ڪٿي استعمال ٿئي ٿي . ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ علي نواز چانڊيو ، ڊاڪٽر نصير ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا ۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here